ڊاڪٽر آمنه سومرو

ڊاڪٽر آمنه سومرو

آمنه سومرو ڊاڪٽر

آمنه سومرو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر آمنه سومرو پھرين اپريل 1978ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عالي کبڙ ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو محمد حسن سومرو آهي. آمنه سومرو پرائمري کان ثانوي تائين تعليم لاڙڪاڻي مان پرائي. 1999ع ۾ بي ايس سي ۽ 2001ع ۾ ايم اي سنڌي جي ڊگري شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2006ع ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر ٿي ۽ 2015ع ۾ ”انيس انصاريءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ جي موضوع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ 2019ع ۾ شايع ٿيو. هن وقت هوءَ خاتون پاڪستان ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو